پڃاري واهه

پڃاري واهه: هيءُ واهه ڄامشوري پل (لوئر سنڌ بئراج) وٽان نڪري ٿو. نئين وهڪري ۾ هي واهه تعلقي حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ميرپور بٺوري، سجاول، جاتيءَ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کي آباد ڪري ٿو. ڪوٽڙي بئراج جي تعمير ٿيڻ کان اڳ هي واهه ڦاٽ جي حيثيت رکندو هو، جيڪو ”ڦليلي ڦاٽ“ ۽ ”گونيءَ“ جي نالي سان وهندو هو. ٽنڊو محمد خان، سيري، ماتلي، تلهار ۽ بدين، ان جي ڪپ تي مشهور شهر هئا. بدين ۾ گونيءَ جي پڇڙي ٿيندي هئي. هن وقت تعلقي ميرپور بٺوري ۾ ٻني شهر وٽان نڪري، بٺوري ۽ جاتيءَ جي ڀر ۾ ’ڇتن جي ڳنڍي‘ جي ويجهو ’گونگڙي‘ سان وڃي ملندو آهي. مقامي ماڻهو ان کي مختلف نالن سان سڏين ٿا؛ جيئن پڃاري، ڇوٽي پڃاري، شور واهه، اڇ ڇنڊڻ ۽ ڇيڄو وغيره.


لفظ پڃاري واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو